SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


فاڪلئنڊ ٻيٽ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


فاڪلئنڊ ٻيٽ

Falkland Islands

فاڪلئنڊ آئلئنڊس

مُختلف ٻيٽن جو هيءُ ميڙ ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊجي ڏکڻ طرف موجود آهي. انهن ٻيٽن تي برطانيا ، اسپين ۽ ارجنٽينا جي وچ ۾ سدائين تڪرار رهيو آهي. جڏهن برطانيا، هن علائقي کي قبضي هيٺ آندو هيو، ته ان وقت هنن ٻيٽن تي ٽنهي ملڪن وارثيءَ جي دعوي ڪئي هئي . ان کانپوءِ برطانيا 1833ع ۾ اڪيلي سِرِ ٻيٽن کي پنهنجي قبضي هيٺ ڪيو. 1820ع ۾ جڏهن ارجنٽينا (جيڪو اڳ ۾ اسپين جي قبضي هيٺ هيو) آزادي ماڻي ، ته اُن علائقي مٿان پنهنجو جاگرافيائي حق گهريو. برطانيا طرفان اهڙي دعويٰ مڃڻ کان انڪار ڪرڻ تي، ارجنٽينا اپريل 1982ع ۾ بنا ڪنهن چتاءَ جي 14،000 فوجين جي طاقت سان ٻيٽن کي طاقت جي زور تي قبضو ڪيو. ان جي جواب ۾ برطانيا گڏيل قومن جي پُٺڀرائيءَ سان ٻيٽن کي فوجي ڪاروائيءَ ذريعي واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اِن سڄي معاملي دوران ٻين ملڪن کي اهو ئي تاثر مليو ته برطانيا جا دُنيا ۾ جتي به قبضا آهن ، انهن کي برقرار رکڻ لاءِ برطانيا ۾ گهربل طاقت نه رهي آهي. اِن گهوٽالي دوران تڏهوڪي برطانيائي وزيراعظم، مسز مارگريٽ ٿيچر جي سخت موقف ۽ ويڙهاند واري حڪمت عمليءَ کي مُلڪ اندر وڏي هٿي ملي ۽ کيس ”فولادي خاتون“ (Iron Lady) جي خطاب سان ياد ڪيو ويو


Remember Me Also:

پاڳو

ذ. [سن. پاد = پيرُ] پايو ، پائو کٽ، ميز وغيره جو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal